ڏيٿو شمشاد اختر ڊاڪٽر

ڏيٿو شمشاد اختر ڊاڪٽر

ڏيٿو شمشاد اختر ڊاڪٽر

ڏيٿو، شمشاد اختر، ڊاڪٽر: بئنڪ آف پاڪستان'>اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي پهرين سنڌي خاتون گورنر، ڊاڪٽر شمشاد اختر، حيدرآباد ۾، 18 جولاءِ 1949ع تي جنم ورتو. سندس والد منير اختر ۽ ڏاڏي غلام محمد اختر جو اباڻو ڳوٺ نوشهري فيروز ڀرسان ڳوٺ نظر ڏيٿو آهي. شمشاد اختر جو ڏاڏو غلام محمد اختر پهريون سنڌي انجنيئر هو، جنهن بمبئي يونيورسٽيءَ مان انجنيئري پاس ڪئي هئي. سندس والد منير اختر پي. آءِ. ڊي. سي جو چيئرمئن ۽ فارين افيئرس ۽ فنانس کاتن جو وفاقي سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.
شمشاد اختر ابتدائي تعليم ڪراچيءَ ۽ اسلام آباد ۾ حاصل ڪئي. پنجاب يونيورسٽيءَ مان بي. اي (اڪنامڪس) 1974ع ۾ ڪيائين. هن ايم. ايس. سي (اڪنامڪس) قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان ڪئي ۽ ان بعد 1977ع ۾ يونيورسٽي آف سَسيڪس، انگلنڊ مان ’ڊيولپمينٽ اڪنامڪس‘ جي مضمون ۾ ايم. اي ڪيائين. هن 1980ع ۾ پيسلي ڪاليج آف ٽيڪنالاجي، انگلنڊ مان اقتصاديات ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. هوءَ پوسٽ ڊاڪٽورل فيلوشپ، فل برائين اسڪالر، هارورڊ يونيورسٽيءَ جي شعبي اقتصاديات ۾ 1987ع ۾ وزيٽنگ فيلو به رهي آهي.
ڊاڪٽر شمشاد اختر پنهنجي ڪئريئر جو آغاز ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ ۾ 1990ع کان ڪيو، جتي هن سينيئر ۽ ’پرنسپال فنانشل سيڪٽر اسپيشلسٽ‘ رهڻ بعد 1998ع ۾ مئنيجر طور ترقي حاصل ڪئي. هوءَ 1998ع کان 2001ع تائين ايشين بئنڪ ۾ APEC فنانس منسٽرز گروپ جي ڪوآرڊينيٽر طور ذميواريون سنڀاليون ۽ ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ جي ڪيترين ڪميٽين ۾ رهي ڪم ڪيو، جن ۾ ري آرگنائينگ ڪميٽي، اپيلز ڪميٽي، اوور سائيٽ ڪميٽي وغيره شامل آهن.
ايشين بئنڪ ۾ اچڻ کان اڳ هن ورلڊ بئنڪ جي ريزيڊنٽ مشن هيٺ پاڪستان ۾ 10 سالن تائين ماهر اقتصاديات طور ڪم ڪيو. پاڪستان ۾ هن مرڪزي توڙي سنڌ حڪومت جي رٿابنديءَ جي ماهرن سان مختلف معاملن، خصوصاً: ميڪرو اڪنامڪس، صنعت ۽ زراعت ۽ ٽئڪس جي نظام بابت گڏجي ڪم ڪيو. هوءَ 2004ع تائين ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۾ ڊائريڪٽر جنرل رهي، ان کان سواءِ هوءَ ايشيائي بئنڪ جي ’فنانس اينڊ ٽريڊ ڊويزن فار ايسٽ ائنڊ سينٽرل ايشيا‘ ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر گورننس به رهي چڪي آهي.
جنوري 2006ع ۾ ڊاڪٽر شمشاد اختر، بئنڪ آف پاڪستان'>اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر طور ٽن سالن لاءِ مقرر ٿي. هن چوڏهين گورنر طور اسٽيٽ بئنڪ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. هيءَ پهرين سنڌي عورت آهي، جنهن کي اهو اعزاز حاصل آهي. انهيءَ عرصي ۾ هن پاڪستان جي اقتصادي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون. سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن توڙي انشورنس ڪميشن ۾ سُڌارا آندا ۽ پاڪستان ۾ سرمائيڪاريءَ کي هٿي وٺرائي. ڊاڪٽر شمشاد اختر کي مئي 2012ع ۾ اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل، بان ڪي مون جو اقتصادي ۽ سماجي معاملن بابت اسٽيٽ سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ هيءَ ورلڊ بئنڪ ۾ اوچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا جي اقتصادي مامرن بابت وائيس پريزيڊنٽ رهي. هيءَ پهرين سنڌياڻي آهي، جيڪا اهڙين اهم ذميوارين تي رهي چڪي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو